خليل عارف سومرو

خليل عارف سومرو

خليل عارف سومرو

خليل عارف سومرو: نوجوان شاعر ۽ اديب خليل عارف سومرو سنڌ جي ناليواري شاعر خان مدهوش'>احمد خان مدهوش جو فرزند آهي. سندس پورو نالو خليل حسين آهي. سندس جنم 18 نومبر 1965ع تي ڪاڇي جي شهر جوهيءَ، ضلعي دادوءَ ۾ ٿيو. ابتدائي تعليم پرائمري مين اسڪول جوهيءَ مان ورتائين. انٽر گورنمينٽ استاد بخاري ڊگري ڪاليج دادوءَ مان، بي. اي ۽ ايم. اي (سنڌي) سنڌ يونيورسٽيءَ ڄامشوري مان ڪيائين. خليل عارف سومري لکڻ جي شروعات 1978ع کان ڪئي. سندس پهرين تخليق ٻاراڻي رسالي ’گل ڦل‘ جي جنوري 1980ع جي شماري ۾ شايع ٿي. هن 1986ع ۾ پنهنجي والد جي نالي سان ’خان مدهوش'>احمد خان مدهوش اڪيڊميءَ‘ جو بنياد وڌو. جنهن پليٽ فارم تان ڪيترا پروگرام ڪرايائين. کيس شاعر طور ۽ ادبي مڃتا ۾ ڪيترا اوارڊ ۽ سرٽيفڪيٽ ملي چڪا آهن، جن ۾: گاج ادب ۽ آرٽ ڪلب جوهيءَ پاران ’بهترين شاعر اوارڊ‘ (1986ع)، جنگ پبلشرز ڪراچيءَ پاران ’مصنف اوارڊ‘ (1992ع)، آندل شاهه بخاري آرٽ سرڪل جوهي پاران ’بهترين شاعر اوارڊ‘ (2001ع)، ٻاراڻي ڪتاب ’موتيون ۽ مکڙيون‘ تي سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ پاران سال 2010ع جو بهترين ڪتاب اوارڊ (2011ع) ۽ 50 هزار رپيا روڪ وغيره اچي وڃن ٿا. سندس ٻارن جي شاعريءَ جا ٻه ڪتاب: (1) مهڪار (1984ع) ۽ (2) موتي ۽ مکڙيون (2010ع) ٻئي ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ پاران شايع ٿيا. سندس پهرئين ڪتاب جا هن وقت تائين چار ڇاپا پڌرا ٿي چڪا آهن. پرائمري استاد آهي ۽ جوهي شهر ۾ رهائش پذير آهي.


لفظ خليل عارف سومروھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1965.11.18  عيسوي

خليل عارف سومري جو جنم 18 نومبر 1965ع تي ڪاڇي جي شهر جوهيءَ، ضلعي دادوءَ ۾ ٿيو.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بهاول لغاري
الطاف ملڪاڻي
بيبي حوا ٻائي
سيد حاجي محمد حافظ شاهه ٽکڙائي
دريا خان فقير 1
اصغر گوزائي
آزاد صوفي2
اڪرام ساگر عباسي
پلي خليفو محمد امين درس
اوڌوداس
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون